پ پ نواز شريف جِي واپسي جو مطالبو ڪري پي ڊي ايم تي بجلي ڪيرائي ڇڏي: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گِل چيو آهي ته پيپلزپارٽي نواز شريف جِي ڏيهه واپسي جو مطالبو ڪري پي ڊي ايم تي بجلي ڪيرائي ڇڏي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ شهباز گل چيو ته اسان جو شروع کان موقف آهي ته پي ڊي ايم پاڪستان ڊاڪو موومينٽ آهي.هن چيو ته پي ڊي ايم وارن پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جا هربا استعمال ڪيا، ملڪ دشمن بيانيو پکيڙيو ويو پر کين ڪاميابي نه ٿي سگهي.شهباز گل چيو ته پيپلزپارٽي پاران نواز شريف کي ڏيهه واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ڪليبري ڪوئن مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان تي بجلي ڪِري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔