اپوزيشن استعيفائون ڏنيون ته فوري طور منظور ڪيون وينديون: فيصل جاويد

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته اپوزيشن استعيفائون ڏنيون ته فوري طور منظور ڪيون وينديون، حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ڪرپشن ڪيسز تي وزيراعظم اين آر او نه ڏيندو.پارليامينٽ هائوس آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اپوزيشن جون استعيفائون لطيفو بڻجي ويون آهن، اسد قيصر قلم کڻي ويٺو آهي، جيئن ئي استعيفائون ڏنيون وينديون، اهي منظور ڪيو وينديون، جيئن نئين سال جي موقعي تي اسيمبلي مان گند صاف ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪو حال مريم نواز ن ليگ جو ڪيو، اهو ئي حال بلاول ڀٽو پيپلزپارٽي جو ڪيو، ڪارڪنن کي چوندس ته مريم نواز تي تنقيد نه ڪئي وڃي.فيصل جاويد چيو ته حڪومت قومي مسئلن تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ڪرپشن ڪيسز تي ڪنهن به ريت اين آر او نه ڏنو ويندو.هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اپوزيشن ڀلي لانگ مارچ ڪري، حڪومت کي ڪو فرق نه پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔