ن ليگ ۽ فضل الرحمان جي حڪومت غير مستحڪم ڪرڻ جا خواب ڀورا ڀورا ٿي ويا: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي بائونسرن سان ن ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جا خواب ڀورا ڀورا ٿي ويا.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ شبل فراز چيو ته ذاتي مفادن لاءِ ٺاهيل پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز سياست جا ٻارهان رانديگر آهن، سندن سياسي بيروزگاري ۾ اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ ٿي چڪي آهي.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام جي ڀلي واري ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون، مستحق ماڻهو وزيراعظم جي دل جي انتهائي ويجهو آهن، لنگر خانن جو قيام ان سلسلي جِي ڪڙي آهي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ويزن آهي ته ڪو به بک نه مري، ان ڪري هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔