اپوزيشن اتحاد سمورن شهرن ۾ مظاهرين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت مخالف اپوزيشن پارٽين جي اتحاد ٻي مرحلي تحت سموري شهرن ۾ مظاهرين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، پهريون احتجاج 3 جنوري تي بهاولپور ۾ ٿيندو.ذريعن موجب پي ڊي ايم تحت ٻي مرحلي ۾ 3 جنوري کي بهاولپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، جنهن جي قيادت مولانا فضل الرحمان، مريم نواز ۽ يوسف رضا گيلاني ڪندا.ذريعن موجب 6 جنوري تحت پي ڊي ايم پاران بنون ۾ به احتجاجي مظاهرو شيڊول آهي، جنهن جي قيادت به مولانا فضل الرحمان ئي ڪندو.ان کان علاوه پي ڊي ايم پاران 11 جنوري تي مالاڪنڊ، 13 تاريخ تي لورالائي ۽ 16 جنوري تي ٿرپارڪر ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو، جڏهن ته ذريعن موجب 23 جنوري تي سرگوڌا، 30 تاريخ تي سيالڪوٽ ۽ 31 جنوري تي فيصل آباد ۾ ريليون ڪڍيون وينديون…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔