وفاقي سرڪار نئين آدمشماري کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي سرڪار نئين آدمشماري کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، رٿابندي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته يقيني بڻايو وڃي ته ايندڙ آدمشماري ۾ نه رڳو انگ اکر ٺيڪ هجن پر ان عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي به شامل ڪيو وڃي.جاري ڪيل پڌرائي موجب رٿابندي واري وزير اسد عمر جي هدايت تي ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جي سربراهي ۾ آدمشماري ڪرڻ، عالمي ۽ علائقائي بهترين طريقيڪارن جو جائزو وٺڻ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.ڪميٽي ۾ چيف ماهر معاشيات محمد احمد زبير، ميمبر سپورٽ پروگرام محمد سرور گوندل، ناميارو ڊيموگرافر ڊاڪٽر جي ايم عارف، نادره جو نمائندو ڊاڪٽر نظام الدين ڪميٽيءَ جا ميمبر هوندا.ان سلسلي ۾ رٿابندي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته 5 رڪني ڪميٽي درست انگن اکرن لاءِ تجويزن، وقت تي ۽ اعتماد جوڳن نتيجن جي فراهمي ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ واري طريقيڪار جو جائزو وٺندي، جڏهن ته جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالوجي کي اپنائڻ جي تجويز ۽ گهريلو سطح تي آدمشماري جي انفرادي طريقن جو به جائزو ورتو ويندو.اسد عمر جو چوڻ آهي ته يقيني بڻايو وڃي ته ايندڙ آدمشماري ۾ نه رڳو انگ اکر ٺيڪ هجن پر ان عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي به شامل ڪيو وڃي، ان لاءِ جديد طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي، جيئن حقيقي آبادي آدمشماري ۾ نظر اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔