روزانو هڪ سگريٽ پيئڻ به عادت ۾ شامل

نارٿ ڪيرولينا: جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته روزانو 10 سگريت پيئڻ وارا ماڻهو ئي عادي آهن پر اهو غلط آهي.
پينسلوانيا اسٽيٽ ڪاليج آف ميڊيسن ۽ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ کان چار سگريٽ پئي ٿو ۽ پاڻ کي ان جو عادي نٿو سمجهي ته اهو غلط هوندو ڇو ته هو سگريٽ نوشي جا عادي بڻجي چڪو هوندو آهي.
تحقيقي سروي جي سربراهه ڊاڪٽر جوناٿن فولڊز چوي ٿو ته اڪثر اسان روزانو ڏهه سگريٽ پيئڻ واري کي ئي عادي سمجهون ٿا پر اهو درست ناهي، جيڪي روزانو هڪ يا ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ پيئن ٿا سي به عادي آهن ۽ ائين ڪو اهڙو وقت ايندو آهي جو هو ڏينهن ۾ ڪيترائي سگريٽ پيئڻ لڳندو آهي.
ان ڏس ۾ ڊيوڪ يونيورسٽي جي جيسن اوليور جو خيال آهي ته گهٽ سگريٽ پيئڻ وارن کان ڊاڪٽر گهڻا سوال ناهن ڪندا پر هڪ ته ان جو به خطرو موجود هوندو آهي ۽ ٻيو اهو نڪوٽين جو عادي ئي سمجهيو ويندو، ان جو سبب اهو آهي ته روزانو هڪ سگريٽ پيئڻ وارو به ان عادت مان نڪرڻ لاءِ مشڪلات محسوس ڪندو آهي.
ان تحقيق لاءِ 6700 ماڻهن جو مطالعو ڪيو ويو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن تمباڪونوشي ۾ مبتلا هئا، جڏهن روزانو هڪ کان چار سگريٽ پيئڻ وارن جو جائزو ورتو ويو ته 66 سيڪڙو ماڻهو سگريٽ جا عادي نڪتا جيڪي تمباڪونوشي جي عادت لاءِ حاصل سموري معيار تي پورا لٿا ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔