سنڌ سرڪار وفاقي ڪابينا ۾ آدمشماري جي منظوري تي اعتراض واري ڇڏيا

ڪراچي: سنڌ سرڪار وفاقي ڪابينا ۾ آدمشماري جي منظوري تي اعتراض واري ڇڏيا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ڄاڻايو آهي  ته آدمشماري جو معاملو سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي، وفاقي ڪابينا سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ سمري منظور نه ٿي ڪري سگهي،  وڏي وزير خط ۾ چيو ته سي سي آءِ ۾ طئه ڪيو ويو هو ته هڪ کان 5 سيڪڙو بلاڪن ۾ آدمشماري ٿرڊ پارٽي کان ڪرائي ويندي، ٿرڊ پارٽي کان آدمشماري ڪرائڻ بنا منظوري قانون جي ڀڃڪڙي آهي، سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت جي فيصلي جي سخت مذمت ڪري ٿي.  وڏي وزير خط ۾ چيو ته آدمشماري ڪاميٽي سنڌ حڪومت سان ڳالهائڻ کانسواءِ ئي پنهنجون سفارشون وزيراعظم وٽ جمع ڪرايون، بدقسمتي سان وفاقي ڪابينا، جنهن جي سربراهي توهان (وزيراعظم عمران خان) ڪندا آهيو، انهي  سفارشون به منظور ڪري ورتيون آهن، صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ کانسواءِ آدمشماري تي ڪوبه  فيصلو تسليم نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔