نفسياتي ماهرن جو مشورو، مايوسي ۽ گھٻراهٽ ۾ ڪاميابيون ياد رکو

ڪيليفورنيا: زندگي ۾ حالتون انسان کي ٽوڙي ڇڏين ٿيون، جن جي ڪري اسان ڊپريشن، دٻاءَ ۽ گھٻراهٽ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهيون، نفسياتي ماهرن جو مشورو آهي ته اهڙين ڪيفيتن ۾ پنهنجي ڪاميابين، درست فيصلن ۽ خير جي ڪيل ڪمن کي ياد رکو، اهڙي طرح ناڪاري نفسياتي ڪيفيتن جي شدت کي گھٽائي سگھجي ٿو.
22 ڊسمبر تي اي لائيف نالي جرنل ۾ ڇپيل ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خاص ڪري ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊآئون کي نظر ۾ رکندي خاص ڪري عورتون وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون. ان ڏکي صورتحال ۾ انسانن لاءِ ضروري آهي ته اُهي فڪر جو انداز تبديل ڪن ته جيئن مرضن، دٻاءَ ۽ ناڪاري صورتحال کان بچي سگھجي.
ان ڏس ۾ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي جي نفسياتدانن 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي آزمائش ڪئي جيڪي شديد دٻاءَ ۽ ڊپريشن مان گذري رهيا هئا. سڀني کي امڪاني فيصلا ڪرڻ جو چيو ويو جنهن ۾ هو هڪ کان وڌيڪ فيصلا ڪري سگھن پيا. ان ٽيسٽ کي پروبيسبلسٽڪ ڊسيشن ميڪنگ جو نالو ڏنو ويو ..
جيتوڻيڪ سڀ ڊپريشن، گھٻراهٽ ۽ دٻاءَ مان گذري رهيا هئا پر انهن ۾ ٻه ڌڙا هئا. ڪجهه ماڻهو واقعي مايوس هئا جڏهن ٻيا ماڻهو ان صورتحال باوجود پرعزم ۽ حوصلو رکندڙ هئا.
پهرين گروپ جا ماڻهو ڪمپيوٽر جي سامهون مٽجندڙ مسئلن جي حل ۾ دلچسپي رکڻ کان قاصر هئا. ٻئي قسم جي ماڻهن ڪمپيوٽر تي ڏنل چيلينج جي لحاظ سان پاڻ کي تبديل ڪيو ۽ بهتر نتيجا ڏنا.
انهن مان بهتر ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ ڌڙي ٽيسٽ ۾ ائين ڪامياب رهيو جو کين ان ڪم دوران هنن پنهنجي سٺن معاملن، ڪاميابين پنهنجي خير جي ڪمن کي ياد ڪيو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڏکي وقت ۾ جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڪاميابين ۽ اڳڀرائي کي ياد رکو ته ان جا هاڪاري نتيجا نڪرن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔