ميڊرڊ: ليونل ميسي ليجنڊ فٽبالر پيلي جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ميڊرڊ: سپر سٽار ليونل ميسي هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪندي ريال ويلاويلڊ خلاف نه صرف بارسلونا کي فتح ڏياري پر 644 هون گول ڪري ڪلب طرفان سڀني کان وڌيڪ گول ريڪارڊ ٺاهي ليجنڊري پيلي کي به پوئتي ڪري ڇڏيو.
اسپينش فٽبال ليگ ۾ بارسلونا جو ريال ويلاڊولڊ خلاف ميچ ليونل ميسي لاءِ يادگار بڻجي ويو آهي، 65 هين منٽ تي بال کي ڄار ۾ وجهڻ جو ڪمال ڏيکاري هن ٽيم کي فتح ڏياري گڏوگڏ ڪلب طرفان پنهنجي گول جي انگ کي 644 تائين پهچايو، ان ريڪارڊ سان گڏ ليونل ميسي دنيا جو نمبر ون فٽبالر بڻجي ويو، ان کان پهريان هي اعزاز ليجنڊري پيلي وٽ هو.
لاليگا جي ٻئين ميچ ۾ اٽليٽڪو ميڊرڊ ريال سوسيڊاڊ کي هارائي ٽاپ پوزيشن تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪري ورتو، سپر اسٽار سوآريز ڪو به گول نه ڪري سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔