رنبير ڪورونا کي عاليه سان شادي ۾ رڪاوٽ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي: ممبئي بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپيو عالمي وبا ڪورونا کي عاليه ڀٽ سان شادي ۾ رڪاوٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو دوران شادي بابت پڇيل هڪ سوال ۾ اداڪار رنبير ڪپور چيو آهي ته منهنجي ۽ عاليه جي شادي نه ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن لاڪ ڊائون نه لڳي ها ته هن وقت تائين شادي ٿي چڪي هجي ها، بهرحال هو ان حوالي سان ڪجهه چئي منحوسيت ڦهلائڻ نٿو چاهي پر هو جلد ان مقصد کي پورو ڪرڻ چاهي ٿو.
عاليه ڀٽ بابت هن وڌيڪ چيو ته هوءَ ٽيلينٽ سان ڀرپور ڇوڪري آهي جنهن لاڪ ڊائون ۾ گٽار سکڻ کان وٺي اسڪرين رائٽنگ تائين هر هڪ شيءِ سکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باقاعده ڪلاسن ۾ شريڪ ٿي، عاليه منهنجي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪامياب آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔