ڏهه لک کان وڌيڪ آمريڪي شهرين کي ڪورونا جي ويڪسين ڏني وئي

واشنگٽن: آمريڪي سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول جو چوڻ آهي ته 10 لک کان وڌيڪ آمريڪين کي ڪورونا ويڪسين جو پهريون ڊوز ڏنو ويو آهي. آمريڪي ماهر ڊاڪٽر فائوچي چيو آهي ته آمريڪا ۾ ايندڙ گرمي جي موسم تائين ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ويڪسينيشن ڪنهن رنڊڪ کان سواءِ جاري رهي ته حالتن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. اميد آهي ته گرمي جي موسم تائين 70 سيڪڙو کان 85 سيڪڙو آمريڪي ويڪسين لڳرائي چڪا هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔