سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 40 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 3 هزار 4 سئو 19 ٿي ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 807 مريض صحتاب ٿي ويا آهن، جڏهن ته هن وقت 18 هزار 9 سئو 89 مريض علاج هيٺ آهن. وڏي وزير موجب ڪراچي ۾ 918، حيدرآباد ۾ 80، شهيد بينظير آباد ۾ 52، قمبر ۾ 21 ۽ خيرپور ۾ 10 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڏي وزير موجب گهوٽڪي ۽ عمر ڪوٽ ۾ 09، 9، بدين ۽ لاڙڪاڻي ۾ 7، 7 دادو، سجاول ۽ ٺٽي ۾ 6، 6 ڪيسز سامهون آيا. وڏي وزير چيو آهي ته جيڪب آباد، ڄامشورو، مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 2،2 جڏهن ته سانگهڙ۽ سکر ۾ هڪ، هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔