عمران خان ٻن سالن کانپوءِ چوي ٿو ته حڪومت هلائڻ نه ٿي اچَي: مريم نواز

لاهور: نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ٻن سالن کانپوءِ چوي ٿو ته اسان کي حڪومت هلائڻ نه ٿي اچَي، تنهنجِي حڪومت هلائڻ جِي تياري هجَي يا نه هجَي، پر عوام توکي گهر موڪلڻ جِي تياري ڪري ڇڏي آهي: مريم نواز وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته توکي خبر هئي ته تون وزارت عظميٰ لاءِ اَهل ناهين ته پوءِ شيرواني پائڻ جِي تڪڙ ڇو هئي؟ مردان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته، عمران خان جِي 200 ماڻهن وارِي ٽيم ڪيڏانهن وئي؟ عمران خان جِي حڪومت هلائڻ جِي تياري نه هئي پر تابعدارِي جِي پوري تياري هئي ۽ هو اُن ڪري ايماندار آهي جو تابعداري پوري ايمانداري سان ڪئي، غريبن جا اجها ۽ دڪان ڊاهيندڙ 2 لک رپين ۾ بني گالا وارو گهر قانوني ڪرائَي ويو، مريم چيو ته استعيفائون اچڻ بعد حڪومت هڪ ڏينهن به قائم رهي نه سگهندِي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔