سي ايس ايس ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري

ڪراچي: سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سي ايس ايس امتحان 2021 ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري،قانون واري سيڪريٽري، چيئرمين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. درخواستگذار ايڊووڪيٽ طارق منصور پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ڪوٽا سسٽم 13آگسٽ 2013ع ۾ پنهنجي مدو پوري ڪري چڪو آهي، سي ايس ايس امتحان فبيروري 2021 ع ۾ ٿيڻو آهي، جيڪو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو، ان ۾ سي ايس ايس امتحان جا رولز 2019ع وفاقي توڙي صوبائي جو ڪوٽا طئي ٿيل آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔