وزيراعظم اختيارن جي ناجائز استعمال جو بدترين مثال قائم ڪيو: پيپلزپارٽي

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته سي ڊي اي پاران وزيراعظم جو گهر ريگيولرائز ڪرڻ اختيارن جي ناجائز استعمال جو بدترين مثال آهي.جاري ڪيل بيان ۾ بلاول جي ترجمان چيو ته عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پهريان جيڪي دعوائون ڪندو هو، هاڻ ان جي ابتڙ عمل ڪري رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان ته نئون پاڪستان ٺاهڻ نڪتو هو، پر هن پنهنجي ۽ دوستن لاءِ الڳ پاڪستان ٺاهيو آهي.پ پ اڳواڻ چيو ته هاڻ هڪ نه پر ٻه پاڪستان آهن، جتي غريب جو گهر ڊاٿو ۽ وزير اعظم جو گهر ريگيولرائز ٿي وڃي ٿو.اختيارن جي ناجائز استعمال تي جاچ ڪندڙ ادارا سي ڊي اي عملدارن جي ڪن مهٽ ڪن.هن سوال ڪيو ته هاڻ نيب ڪٿي آهي، ان معاملي جو ڇو ايڪشن نه پيو ورتو وڃي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔