سُرن جي راڻي ميڊم نورجهان جي وڇوڙي کي 20 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي : پاڪستان جي ناليواري اداڪاره ۽ گلوڪاره سُرن جي راڻي ميڊم نورجهان جي وڇوڙِ کي 20 سال ٿي ويا ، هوءَ 21 سيپٽمبر 1926 تي قصور ۾ پيدا ٿي

نورجهان جو اصل نالو الله وسائي هو ، هن فني ڪيرئر جي شروعات چائلڊ آرٽسٽ طور ڪئي ، فلم بڪائولي ۾ ڪمال جي اداڪاري کيس شهرت جي بلندين تائين پهچايو.

ميڊم نورجهان 1941 ۾ موسيقار غلام حيدر جي فلم خزانچي ۾ پهريون ڀيرو بيڪ سنگز طور ڪم ڪيو . پاڪستان قائم ٿيڻ کان پهرين سندس ٻين فلمن ۾ دوست ، لال حويلي ، بڙي مان ، نادان ، نوڪر ، زينت ،انمول ۽ ٻيون فلمون سرفهرست آهن .

پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ هن فلم چن وي کان پنهنجي پاڪستاني ڪيرئر جي شروعات ڪئي ،ان فلم جون هدايتون به هن پاڻ ڏنيون هيون ، اداڪاره طور تي سندس ٻين فلمن ۾ گلنار، دوپٽا ، پاٽي خان ، لخت جگر ، انتظار، نيند، ڪوئل ۽ ٻيون شامل آهن .


بعد ۾ ميڊم نورجهان اداڪاري ڇڏي گلوڪاري اختيار ڪئي ، هڪ رڪارڊ موجب هن 995 فلمن لاءِ گانا ڳايا سندس آواز جو جادو اڄ به ماڻهن جي دلين تي قائم آهي.


پاڪستان سرڪار کيس صدارتي حسن ڪارڪردگي جي تمغي ۽ نشانِ امتياز سان به نوازيو هو جڏهن ته سندس مداحن کيس 18 ورهين جي عمر ۾ ئي سرن جي راڻي جو خطاب ڏنو هو..
ميڊم نورجهان 23 ڊسمبر 2000 عيسوي ۾ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي پر سندس لازوال آواز جو خال شايد ئي ڪو ٻيو پر ڪري سگهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔