حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ شبلي فراز چيو آهي ته ذاتي مفاد کي اوليت ڏيندڙن کي خواري کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. اپوزيشن جي انتشاري سياست ۾ ملڪ ۽ عوام جو ڪوبه ڀلو ناهي.

رب پاڪ اپوزيشن کي توفيق ڏئي جو انهن کي ڪرسي جي بجاءِ عوام ۽ انهن جا مسئلا نظر اچڻ شروع ٿي وڃن. وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل مفاد پرست ٽولي جي منزل هڪڙي ۽ رستا ٻيا آهن. هي هاڻ سڀني جي سامهون اڳيان اچي رهيا آهن.

حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي. مولانا شيراني ۽ حافظ حسين احمد جو بيان ان جي واضح گواهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔