حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي منظوري ڏني ويندي

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت  هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) اڄ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي منظوري ڏيندي.

اي سي سي اجلاس ۾ مهمند ۽ ديامر بهاشا ڊيم جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن جي يورو بانڊ جي اجرا جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي.

ذريعن موجب اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ 6 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. ناڻي واري عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزارت هائوسنگ جي لاءِ 50 ڪروڙ روپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي.

اجلاس ۾ نون ٽرمينلز ٺاهڻ جو معاملو ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو جي آءِ ڊي سي گورنمنٽ هولڊنگ پرائيويت لميٽيڊ جي لون جي معاملي تي به غور ڪيو ويندو. گذريل هفتي اي سي جي اجلاس ۾ قومي اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي هئي.

جاري ڪيل بيان موجب اي سي سي مقامي تيار ڪيل موبائل فونز تي لاڳو 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو. بيان موجب اسلام آباد ۾ نئين تعمير ٿيل آئسوليشن اسپتال ۽ انفيڪشنز ٽرينمنٽ سينٽر لاءِ 21 ڪروڙ 93 لک گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔