سنڌ ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ صوبو آهي: صوبائي وزير امتياز شيخ

ڪراچي: توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ صوبو آهي، آئين جي آرٽيڪل 158 تحت  گيس تي پهريون حق به صوبي جو آهي، پر وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب هن وقت پوري ملڪ ۾ گيس جو بحران آهي، سنڌ سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي رهي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس نقوي به پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي چيو هو ته شرم اچڻ گهرجي پر کين شرم اچي ئي نٿي، انهن معيشيت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن فرنيس آئل خريد ڪرڻو هو تڏهن اهو  خريد نه ڪيو ويو، هاڻي جڏهن گيس خريد ڪرڻ جي ضرورت هئي، تڏهن وري فرنيس آئل خريد ڪيو ويو، جنهن تي اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو، هن پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو ته انهن کي شرم ته ناهي پر شرم سبب ٻڌڻ جي به سگهه ناهي،  جنهن دوران اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته انهي تي اپوزيشن ليڊر کان جواب وٺون، هو وري پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري ڇڏيندو، اسپيڪر احتجاج ڪندڙ اپوزيشن جي ميمبرن کان پڇيو ته ڇا اوهان جي گهر  ۾ گيس اچي رهي آهي؟ جنهن تي  هڪ ايم پي اي چيو ته سندن گهرن ۾ به گيس نٿي اچي، زالون جوتا هڻن ٿيون، اسيمبلي ۾ هنگامي سبب اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي سرڪار قدرتي گيس کان سنڌ جي ماڻهن کي غير آئيني طريقي سان محروم ڪري رهي آهي، ان حوالي سان وفاقي سرڪار آڏو آواز اٿارينداسين، وفاقي سرڪار جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔