سنڌ ۾ گيس بحران واري صورتحال برقرار، سوئي سدرن گيس ڪمپني پاران پنجاب ۽ ڪي پي کي ڏنل گئس فراهمي بند

ڪراچي :سوئي  سدرن گيس ڪمپني پاران پنجاب ۽ ڪي پي کي 3 ڏينهن لاءِ ڏنل 50 ايم/  ايم سي ايف ڊي گيس جي فراهمي بند ڪئي وئي، سنڌ جي سسٽم ۾ رڳو 1200 ايم ايم سي ايف ڊي گيس موجود آهي ، سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون اڄ ۽ جمعي تي به بند رهنديون.  ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ گيس بحران واري صورتحال برقرار آهي، صوبي کي گھرج کان گهٽ گيس ملڻ سبب گهريلو صارفين، ٽرانسپورٽر، سي اين جي اسٽيشنن ۽  صنعتي ادارن جا مالڪ سخت متاثر ٿي رهيا آهن. سوئي سدرن گيس ڪمپني جي اختيارين پاران ٽن ڏينهن لاءِ سوئي ناردرن گيس ڪمپني کي 50 ملين معڪب فوٽ گيس ڏني وئي هئي، جنهن ڪري کوٽ 350 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي چُڪي هئي. ٻئي طرف سوئي سدرن گيس ڪمپني جي اختيارين جو  چوڻ آهي ته هاڻي سوئي ناردرن کي 50 ملين معڪب فوٽ گيس نه پئي ڏني وڃي. جنهن بعد کوٽ 350 مان گهٽجي 300 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهتي آهي. واضح رهي ته سنڌ ۾ گيس جي پيداوار 2700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي پر سنڌ کي گھرج مطابق به گيس نه پئي ملي. سوئي سدرن گيس ڪمپني پاران اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته سنڌ جي گهرج 1400 کان 1450 ايم ايم سي ايف ڊي تائين آهي. هوڏانهن سي اين جي اسٽيشن ايسوسيئيشن جي اڳواڻ پرشوتم لال ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو  ته گيس جي کوٽ سبب سي اين جي اسٽيشنن جي گيس گھريلو صارفين کي ڏني پئي وڃي. جنهن ڪري اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. هن چيو ته اڄ به 630 سي اين جي اسٽيشنون بند رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔