عمران ڪير ٿيندوآهي مون کان حساب وٺڻ وارو،هو پاڻ ناجائزطريقي سان اچڻ جو حساب ڏئي: فضل الرحمان

اسلام آباد: حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان ڪير هوندو آهي جيڪو مون کان حساب وٺي هو  پاڻ پنهنجو حساب ڏئي ۽ ٻڌائي ته هو ڪيئن ناجائز طريقي سان آيو آهي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ  جعلي حڪمران ملڪ تي مڙهيل آهي ۽ هو اسان جي احتساب جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. 

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين مولانا محمد خان شيراني جي الزامن بابت  جي يو آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته ان جي بيان تي پارٽي نوٽيس ورتو آهي. ڪميٽي بڻجي وئي آهي ۽ اجلاس  به گهرايو ويو آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته مولانا محمد خان شيراني جي بيان تي سموري دنيا ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔