مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ پگهاردارکي ملندڙ پگهارڪافي ناهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ پگهاردار کي ملندڙ پگهار ڪافي ناهي ، اسلام آباد  پوليس لائينز ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته جنهن جي مال ۽ جان جي حفاظت نه ٿي ٿئي اها قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي.

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته فوج سرحدن تي قوم ۽ ملڪ جي حفاظت ڪندي آهي ۽ پوليس ملڪ ۾ عوام جو تحفظ ڪندي آهي پر پوليس کي اهو مقام نه ملي سگهيو آهي جنهن جي اها مستحق آهي .

هن چيو ته پوليس سميت ڪنهن به پگهاردار کي ملندڙ پگهار ڪافي ناهي ، ڪيترائي سال مهانگائي وڌندي رهي آهي ، پگهار اوتري ناهي جيتري ملڻ گهرجي ، اهي سياستدان جن کي الله تمام گهڻو موقعو ڏنو ۽ اهي ملڪ جا سربراه ٿي ويا ،انهن جي آڏو به ٻه رستا هئا ۽ اهي حلال ڪمائي ٿي سگهيا پر اهي ان رستي تي هلي پيا پر اڄ اهي عبرت جو نشانو بڻيل آهن، انهن وٽ جيترو پئسو آهي انهن کي پاڻ کي ايتري خبر ناهي .

وزيراعظم چيو ته انشآءَالله اسلام آباد پوليس جي پگهار پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ لاءِ هو حفيظ شيخ سان ڳالهائيندو ، هن چيو ته هو بادشاهه نه پر وزيراعظم آهي ان ڪري خزاني واري وزير کان پڇڻو پوي ٿو ، ملڪ معاشي مشڪلات جو شڪار آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔