ن ليگ جي سمورن پارليامينٽ ميمبرن استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن: رانا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته پارٽي جي سمورن پارليامينٽ ميمبرن پنهنجون استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته  صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن پارٽي اڳواڻن جي فيصلي تي لبيڪ چيو. پرڏيهه ملڪ ۾ رهندڙ يا بيمار ميمبرن به پنهنجون استعيفائون  اماڻي ڇڏيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ هفتي آئنده جي حڪمت عملي جي حوالي سان جاتي عمره يا ماڊل ٽائون ۾ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ سمورن اسيمبلي ميمبرن کي گهرايو ويندو.

واضح رهي ته حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد(پي ڊي ايم) اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته وزيراعظم اعلان ڪيو آهي ته اپوزيشن جي استعيفائن جي صورت ۾ ضمني  اليڪشن ڪرائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔