هِتي سڀ زرداري جا ڀائرآهن، کائي سڀ رهيا آهن، مشهورهڪ ماڻهو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : هِتي سڀ زرداري جا ڀائر آهن، کائي سڀ رهيا آهن، مشهور هڪ ماڻهو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا اسڪول اڪائونٽنٽ شڪيل جوزف جي سزا خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، عدالت شڪيل جوزف جِي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته سيشن ڪورٽ جو ٽرائل اسپيشل بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ڪيئن ٿو هلائي سگهجي، ٻڌايو وڃي ته اسڪول جي پرنسپلز ۽ ٻين اختيارين کي جوابدار طور نامزد ڇو نه ڪيو ويو؟ سمورن اسڪولز جي فنڊز جي نيب کان جاچ ڪرائڻ گهرجي، جسٽس نظر اڪبر پُڇاڻو ڪيو ته ڇا اسڪولن جي سالياني آڊٽ رپورٽ اچي چڪي آهي، ماڻهو 10 ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن ڪري هڪ ڪروڙ ڪيئن واپس ڪندا آهن؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔