صدرعارف علوي، سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ڪرائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس اُماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ڪرائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس اُماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزير اعظم سينيٽ چونڊن بابت صدر ڏانهن ريفرنس اماڻيو هو، وفاقي سرڪار سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ کان راءِ وٺڻ لاءِ ريفرنس داخل ڪندي، ريفرنس ۾ آئيني ترميم بنا اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم بابت سپريم ڪورٽ کان راءِ ورتي وئي آهي، وفاقي ڪابينا 15 ڊسمبر تي سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان راءِ وٺڻ جي منظوري ڏني هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔