ڪورونا جي نئين قسم ٻارن کي آساني سان حدف بنائي سگهي ٿي: طبي سائنسدان

لنڊن: طبي سائنسدانن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم ٻارن کي پراڻي قسم جي مقابلي ۾ وڌيڪ آساني سان متاثر ڪري سگهي ٿي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب هينئر تائين جي ڊيٽا مان خبر پئي ٿي ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم ٻارن ۾ ٻين قسمن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان پکڙجي سگهي ٿي. جڏهن ته برطانيه ۾ 5 کان 6 هفتن جي دوران 15 سال کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ نئين قسم جي وائرس کي وڌيڪ ڏٺو ويو آهي. ماهرن طرفان وائرس جي نئين قسم جي باري ۾ ڄاڻڻ جي لاءِ تيز رفتاري سان ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن مريضن ۽ ويڪسينز تي ان جي اثرن جي باري ۾ خبر پئجي سگهجي.برطانيه جي امپريئل ڪاليج لنڊن جي پروفيسر نيل فرگوسن صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سائوٿ ايسٽ لنڊن ۾ هن نئين قسم جي ڪيسز جو ڊيٽا ڏسڻ سان خبر پئي ٿي ته ٻين قسمن جي مقابلي ۾ هي ٻارن کي وڌيڪ بيمار ڪري رهي آهي.هن ٻڌايو ته اهڙو اشارو ملي ٿو ته هن وائرس جي نئين قسم ٻارن کي وڌيڪ متاثر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ان حوالي سان وضاحت هن وقت ممڪن ناهي پر ملندڙ ڊيٽا ۾ اسان اهو ڏٺو هن جو چوڻ هو ته برطانيه ۾ لاڪ ڊائون دوران اسان ٻارن ۾ وائرس جي حوالي سان عمر جي ورهاست کي ڏٺو هو اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته لاڪ ڊائون جي دوران بالغ ماڻهن جون سرگرميون محدود ڪيون ويون. پر تعليمي ادارا به کليل آهن ۽ اسان 5 کان 6 هفتن جي دوران 15 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن ۾ هن نئين قسم جي تسلسل کي ڏٺو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔