آمريڪا ۾ هڪ ماڻهوءَ کاڌو ڪجهه به نه پر ٽپ پنج هزار ڇهه سئو ڊالر ڏئي ڇڏيا

اوهائيو: آمريڪا ۾ هڪ ماڻهوءَ ريسٽورينٽ ۾ کاڌو ڪجهه به نه پر پوري اسٽاف لاءِ 5 هزار 600 ڊالر ٽپ ڏئي ڇڏي.
آمريڪي ميڊيا موجب سوخ ڪچن اينڊ بار جي مالڪ موسي سلوخ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي پنهنجي صفحي تي شڪرگذاري جي پوسٽ رکي.
پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ويو آهي ته هڪ ماڻهو سندس ريسٽورينٽ آيو ۽ مينيجر کي گهرائي ڪري 5 هزار 600 ڊالر جو چيڪ بطور ٽپ ڏيندي چيو ته اهو پوري اسٽاف ۾ برابر ورهائي ڇڏي.
ريسٽورينٽ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته 58 اسٽاف ميمبرن مان سڀني جي حصي ۾ 200 ڊالر ايندا جنهن سان هو ڪرسمس جون خوشيون ملهائي سگهندا.
ڪورونا وبا جي ڪري ريسٽورينٽ جو ڪاروبار مڪمل ٺپ ٿي ويو آهي جنهن ڪري بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، اجنبي ماڻهوءَ پاران اوچتو ايتري ٽپس ملڻ تي ريسٽورينٽ جي ملازمن خوشيءَ جو اظهار ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔