تحريڪ جي ڊپ کان حڪومت سينيٽ اليڪشن وقت کان اڳ ڪرائڻ گهري ٿي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف اشتهارن جا غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن جي غير حاضري سبب فرد جرم لاڳو ٿي نه سگهيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي غير حاضري سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. عدالت جوابدارن تي فرد جرم جي ڪارروائي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت حڪم ڏنو ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي. شنوائي کانپوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته احتجاجي تحريڪ جي ڊپ کان حڪومت سينيٽ اليڪشن وقت کان اڳ ڪرائڻ گهري ٿي، آئين ۾ تبديلي آرڊيننس ۾ نه پر پارليامينٽ ئي ترميم ڪري سگهي ٿي. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته لاهور جو جلسو ڪامياب ٿيو، پي ڊي ايم جا سمورا جلسا تمام گهڻا ڪاميا ب رهيا آهن،. هن چيو ته ڳڙهي خدا بخش ۾ پي ڊي ايم جي قيادت ملندي ۽ گهڻن معاملن کي حل ڪري ڇڏيندي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔