عظيم وڏو وزير استعيفيٰ ڏئي آمريڪا هليو ويو: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو آهي ته عظيم وڏو وزير استعيفيٰ ڏئي آمريڪا هليو ويو، سنڌ جو عوام هن وقت بي يارومددگار آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز گل چيو آهي ته نااهلي هجي يا ڪرونا وائرس تي سياست ڪرڻي پوي، پيپلز پارٽي سڀني کان اڳڀري هوندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پرچي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو لٽيل مال بچائڻ واري مهم تي آهي. شهباز گل وڌيڪ چيو ته عظيم وڏو وزير ڪوڙي استعيفيٰ ڏئي آمريڪا هليو ويو آهي، سنڌ جو عوام هن وقت بي يارومددگار بڻيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔