آءِ ڊي سي بم ڌماڪو ڪيس: بري ٿيل جوابدار جِي نظربندي غير قانوني قرار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پي آءِ ڊي سي بم ڌماڪي ڪيس ۾ بري ٿيل جوابدار جِي نظربندي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي، عدالت فيصلو 20 ڏينهن لاءِ معطل ڪرڻ واري ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جِي استدعا رد ڪندي عبدالحميد بگٽي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته جوابدار 14 سال قيد ۾ رهيو پر پراسيڪيوشن الزام ثابت نه ڪري سگهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون جوابدار جِي نظربندي جو جواز پيش نه ڪري سگهيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ پي آءِ ڊي سي بم ڌماڪي ڪيس ۾ بري ٿيل جوابدار عبدالحميد بگٽي جي نظربندي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي کيس بنا دير آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي فيصلو 20 ڏينهن لاءِ معطل ڪرڻ جِي استدعا ڪئي جيڪا عدالت رد ڪري عبدالحميد بگٽي جي نظربندي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جوابدار 14 سال قيد ۾ رهيو پر پراسيڪيوشن الزام ثابت نه ڪري سگهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون جوابدار جِي نظربندي جو جواز پيش نه ڪري سگهيون آهن، ڪنهن کي بنا جواز نظر بند ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ آهي ….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔