ڊي سي ڪياماڙي جي مقرري ۽ نئين ضلعي ۾ ٿاڻا قائم ڪرڻ خلاف درخواست تي نوٽيس جاري

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊي سي ڪياماڙي جي مقرري ۽ نئين ضلعي ۾ ٿاڻا قائم ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 23 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته جڏهن ڪياماڙي ضلعو ختم ٿي ويندو ته اهي سڀ به ختم ٿي ويندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي سي ڪياماڙي جي مقرري ۽ نئين ضلعي ۾ ٿاڻا قائم ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي. درخواستگذار متحده اڳواڻ سلمان مجاهد بلوچ موقف اختيار ڪيو ته ڊي سي ڪيماڙي جي مقرري ۽ ٿاڻن جو قيام غير قانوني آهي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 23 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته جڏهن ڪياماڙي ضلعو ختم ٿي ويندو ته اهي سڀ به ختم ٿي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔