سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 19 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 19 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي تعداد 3352 ٿي ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا انگر اکر جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 644 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 2 لک 5 هزار 484 ٿي ويو، وڏو وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ 514، حيدرآباد ۾ 23۽ ٺٽو ۾ 9 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير موجب خيرپور ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 7، 7 ميرپور خاص ۽ نوشهروفيروز ۾ 6، 6 گهوٽڪي ، ڄامشوري ۽ لاڙڪاڻي ۾ 5، 5 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔