نيب ملڪي معيشت کي تباهه ۽ حڪومت کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي: نيب چيئرمين برادر ججز جون ڊائريڪشنس پڙهي ته کيس رهنمائي ملي ويندي، نيب ملڪي معيشت کي تباهه ۽ حڪومت کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، نواز ليگ اڳواڻ نيب کي ملڪ جو ڪرپٽ ترين ادارو قرار ڏئي ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هڪ جماعت نيب کي ختم نٿي ڪري سگهي، اُن لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻو پوندو، اسٽيبلشمينٽ سان ڪوبه جهيڙو نه آهي، آئين ٽوڙيندڙن ۽ ووٽن جي چوري خلاف آهيون، ملڪ کي آئين موجب هلايو ويو ته ترقي ايندي، جنوري کان عوام کي رليف ملندو ۽ نئين سياسي تاريخ لکجي ويندو، اسلام آباد ۾ويٺل ڪورونا جي خاتمي تائين ملڪي مامرا ٺيڪ نه ٿيندا، پي ڊي ايم ۾ استعيفيٰ تي ڪي به اختلاف نه آهن، مامرا مشاورت سان طئه ٿي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔