زرعي ترقياتي بينڪ ملازمن کي ڊي موٽ ڪرڻ وارو ڪيس: وفاق کي بورڊ جوڙڻ جو حڪم

اسلام آباد: زرعي ترقياتي بينڪ ملازمن کي ڊي موٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاق کي بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ملازمن جي عهدي ۾ گهٽتائي خلاف اسٽي آرڊر ۾ 18 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله ڄاڻايو ته وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن کان بورڊ کي فعال ڪرڻ ۾ ناڪام رهي . ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سمري وفاقي ڪابينا اڳيان رکي هئي،جيڪا رد ٿي وئي. عدالت هدايت ڪئي ته ملازمن جي ڊي موشن جي خلاف سمري ٻيهر منظور ڪئي وڃي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔