فيڪٽرين جي مالڪن کي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪيو پيو وڃي: مريم نواز

لاهور: ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته فوڊ فيڪٽريز کي ڌمڪيون ڏياري مهانگي ۽ خراب معيار جي کنڊ خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. ٽوئيٽ ڪندي ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو ته فيڪٽرين جي مالڪن کي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته فوڊ فيڪٽريز کي ڪلوگرام تي 8 رپيا مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته فوڊ فيڪٽري مالڪن کي چيو پيو وڃي ته مهانگي کنڊ خريد ڪريو يا فيڪٽري بند ڪريو. هن چيو ته ملڪ جي سمورن حصن مان مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ لاءِ حڪومتي دٻاءَ جون خبرون اچي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔