سنڌ سرڪار پاران لاڙڪاڻو کان مختلف شهرن لاءِ پيپلز وين سروس شروع

لاڙڪاڻو: سنڌ سرڪار لاڙڪاڻو کان مختلف شهرن لاءِ پيپلز وين سروس شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته مختلف روٽن تي هلندڙ ويگن ڊرائيورن احتجاج طور وينون بيهاري هڙتال ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي پاران لاڙڪاڻو کان رتوديرو،نئون ديرو سميت مختلف روٽن تي پيپلز وين سروس شروع ڪري ڇڏي آهي. پيپلز وين سروس شروع ڪرڻ خلاف ڊرائيورن احتجاج طور وينون بيهاري هڙتال ڪري ڇڏي. ٽرانسپورٽرز طرفان احتجاج سبب لاڙڪاڻو کان شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، نئون ديرو ۽ رتوديرو روٽ تي هلندڙ وينون بيهي ويون آهن. ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو ڪي پي ۽ پنجاب مان ويگنون گهرائي انهن تي پيپلز وين سروس جا پوسٽر هڻي خانگي گاڏيون هلايون پيون وڃن، جنهن جي ڪري سواري گهٽ ملڻ سبب سندن نقصان ٿي رهيو آهي ۽ سندن 500 خاندان بيروزگار ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔