نيب ۽ ايف آءِ اي کي ايل اين جي ۾ 122 ارب رپين جو ڌاڙو هڻندڙ نظر ڇو نٿو اچي: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي ايل اين جي ۾ 122 ارب رپين جو ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هڻندڙ نظر ڇو نٿو اچي، اٽي چوري ۾ 225 ارب جو ڌاڙو هنن کي نظر ڇو نٿو اچي؟ جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي 400 ارب رپين جي کنڊ ڪرڻ وارا ڇو نظر نٿا اچن؟ هن سوال ڪيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي هزارين ارب رپين جون دوائون چوري ڪندڙ ڇو نظر نٿا اچن؟ هن هي به سوال پڇيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي بلين ٽري جا اربين رپيا چوري ٿي ويا، پر اهي به نظر ڇو نٿا اچن؟ مريم نواز چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي بي آر ٽي پشاور جا 126 ارب رپيا ڇو نظر نٿا اچن؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔