پي آءِ اي پائليٽ لائيسنس ڪيس: وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع

اسلام آباد: پي آءِ اي پائليٽ لائيسنس ڪيس ۾ وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. داخل ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ مان ڪيس جو حتمي فيصلو اچڻ تائين هاءِ ڪورٽ ڪارروائي روڪي. جمع ڪرايل جواب مطابق سپريم ڪورٽ ۾ ڪرونا جي پاڻمرادو ڪيس سان به هي معاملو جڙيل آهي. وفاق جو چوڻ آهي ته شڪي قرار ڏنل 262 مان 50 پائليٽس جا لائيسنس رد ڪيا ويا، باقي ڪليئر آهن. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پائليٽ ڪيس ۾ پهريان ئي اهم حڪم جاري ڪيا آهن،جنهن کي چيلينج پڻ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔