پاڪستانين تي عارضي سفري پابنديون ڪورونا سبب آهن: يو اي اِي

ابو ظهبي: گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان چيو آهي ته دبئي 15 لک پاڪستانين جو ٻيو گھر آهي، موجوده سفري پابنديون ڪورونا وائرس سبب آهن.
هڪ بيان ۾ شيخ عبدالله بن زايد النهيان چيو ته يو اي اِي ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ گهرائي آهي ۽ انهن ۾ واڌ جي گنجائش به موجود آهي.
سندس موجب ويزائن جي حوالي سان پابنديون عارضي آهن، موجوده سفري بندشن جو سبب ڪورونا وائرس آهي، يو اي اي 15 لک پاڪستانين جو ٻيو گهر آهي، پاڪستاني برادري دبئي جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔