افغان تخت گاهه ڪابل ۾ حملو، 8 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغان تخت گاهه ڪابل ۾ هڪ حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا مارجي ويا.
افغان گهرو وزارت جي هڪ ترجمان موجب ان حملي ۾ 15 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪابل جي اولهه ۾ اهو حملو هڪ ڪار ۾ رکيل بارود ذريعي ڪيو ويو، اڃا تائين واضح ناهي ته اهو حملو ڪنهن ۽ ڇو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔