اپوزيشن سينيٽ اجلاس گهرائڻ لاءِ ٻيهر ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: اپوزيشن سينيٽ اجلاس گهرائڻ لاءِ ٻيهر ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي. ريڪوزيشن اپوزيشن ليڊر راجا ظفر الحق ۽ پ پ اڳواڻ شيري رحمان سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي. اپوزيشن پارٽين جي ريڪوزيشن تي 34 سينيٽرن جون صحيحون ٿيل آهن. ريڪوزيشن جمع ڪرائڻ کانپوءِ راجا ظفر الحق ٻڌايو ته نيب جي خلاف ٺهراءَ ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي استحقاق رٿ به ايجنڊا ۾ شامل آهي.. واضح رهي ته سليم مانڊوي والا نيب جي خلاف صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف کي خط لکيا آهن ۽ واپارين کي به گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔