چڙ ڏياريندڙ تقرير وارو ڪيس: علي وزير سميت 5 جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پشاور مان گرفتار ڪيل ايم اين اي علي وزير سميت 5 جوابدارن کي 30 ڊسمبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي پوليس چڙڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ پشاور مان گرفتار ڪيل ايم اين اي علي وزير ۽ ٻين جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري هڪ مهيني جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت پوليس جي هڪ مهيني واري درخواست رد ڪندي جوابدارن کي 11 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔