سکر: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي

سکر: عدالت ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي. اي ٽي سي ڪورٽ سکر جي جج آنند رام ڊي سائراڻي جي عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت وڪيلن جي موڪل واري درخواست سبب ٻڌڻي 2 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي 6 سال اڳ سکر جي گلشن اقبال ڪالوني واري مدرسي ۾ مسجد اندر نماز دوران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويوهو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔