وزيراعظم ايندڙ هفتي 12 وفاقي وزارتن کان بريفنگ گهري ورتي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي 12 وفاقي وزارتن کان بريفنگ گهري ورتي. ذريعن مطابق ڪابينا اجلاس کانپوءِ وزير اعظم وزارتن ۽ ڊويزنن کان بريفنگ وٺندو. پي ايم هائوس جي ذريعن مطابق وزير اعظم لاڳاپيل وزير، صلاحڪار، خاص معاون ۽ سيڪريٽري سان معاهدو ڪندو. ذريعن مطابق وزير اعظم گهرو، ناڻي، صنعت ۽ پئداوار، آءِ ٽي،واپار، رٿابندي،نيشنل فوڊ سڪيورٽي،ڪابينا ڊويزن، اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ۽ توانائي جي وزارتن کان بريفنگ وٺندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔