وزيراعظم پاڻ کي بچائڻ لاءِ طاقتور اداري جي پٺيان لڪي رهيو آهي: سراج الحق

ميرپورخاص: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آھي تھ عمران خان پنهنجو هڪ به واعدو پورو ناهي ڪيو، عوام مٿان مسلط ڪيل وزيراعظم سبب ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سخت تڪيلفن ۾ آهي. ميرپورخاص ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي سراج الحق چيو ته اسٽيبلشميٽ کي اڻ ڌريو رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان تي مسلط ڪيل حڪومت سبب 22 ڪروڙ عوام مشڪل ۾ آھي، هن حڪومت پنهنجو هڪ به واعدو پورو نه ڪيو. جماعت اسلامي جي امير چيو پي ڊي ايم جو جڏھن بھ جلسو ٿئي ٿو تھ وزيراعظم ادارن جي دوري تي ھليو وڃي ٿو، هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ طاقتور اداري جي پٺيان لڪي رهيو آهي، پي ڊي ايم ۽ حڪومت جي پاليسين ۾ به ڪو فرق ناھي. سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي پي ڊي ايم جو ان ڪري حصو ناھي جو اسان فرد جي نھ پر نظام جي تبديلي چاھيون ٿا، عمران خان چيو ھو تھ ھزارين ماڻھو نڪتا تھ ھو استعيفا ڏئي ڇڏيندو پر ھن اھو واعدو بھ پورو نھ ڪيو ۽ ھاڻ وزيراعظم جو ھڪ ھفتي تائين ڌرڻي وارو چيلينج بھ قبول ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔