پاڪستان سعودي عرب کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر قرض ادا ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان سعودي عرب کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر قرض واپس ڪري ڇڏيو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ذخيرن ۽ ادائيگين جو توازن برقرار رکڻ ۾ چين پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. سعودي عرب 2018 جي آخر ۾ پاڪستان کي 3 ارب دالر قرض ۽ 3 اعشاريه 2 ارب ڊالر جي تيل جي ڪريڊٽ جي سهوليت ڏني هئي. پاڪستان هلندڙ سال هڪ ارب ڊالر اڳ ئي واپس ڪري چڪو هو. ياد رهي ته پاڪستان کي ايندڙ مهيني وڌيڪ هڪ ارب ڊالر سعودي عرب کي ادا ڪرڻا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔