پشاور۾ دهشتگردي جومنصوبو ناڪام، پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت 4 دهشتگرد گرفتار

پشاور: سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا.

سيڪيورٽي فورسز خيبر جي علائقي مان پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊر سميت 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس گذريل رات خيبر جي علائقي سپاهه ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو جتان پابندي مڙهيل لشڪر اسلام جي ڪمانڊر ذاڪر آفريدي سميت 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 3 خودڪش جيڪٽس به هٿ ڪري ورتيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ت دهشتگردن کان 6 ديسي ٺاهيل بم به هٿ ڪيا ويا ۽ انهن جي نشاندهي تي بڊهه بير ۾ به ڪارروائي ڪئي وئي جتان کان دهشتگردن جي 8 سهولتڪارن  کي گرفتار ڪيو ويو .

سيڪيورٽِي ذريعن موجب دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ڳجهي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي .

ذريعن ٻڌايو ته دهشتگردن 25 ڊسمبر تي پشاور ۾ وڏي ڪارروائي جو منصوبو رٿيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔