سنڌ جي ديني مدرسن ۾ تعليمي سرگرميون بند ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ حڪومت سموري صوبي جي مدرسن جون تعليمي سرگرميون فوري طور تي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي سمورن ديني مدرسن ۾ تعليمي سرگرميون تڪڙيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ گهرو وزارت سنڌ طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سمورن مدرسن ۾ تدريسي عمل فوري طور تي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته ڪورونا جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ 26 نومبر کان 10 جنوري تائين سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔