سنڌ جي آبادگارن پاران ٽماٽو پرڏيهه مان گهرائڻ وارو حڪومتي فيصلو رد

ڪراچي: سنڌ جي آبادگارن ٽماٽو پرڏيهه مان گهرائڻ واري حڪومتي کي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، ٽماٽي جي امپورٽ بند نه ٿيڻ خلاف سڀاڻي حيدرآباد ۾ احتجاج جو اعلان، سنڌ آبادگار بورڊ جي نائب صدر محمود نواز شاهه طرفان نيشنل سيڪيورٽي فوڊ اٿارٽي کي خط لکِي ٽماٽي جي امپورٽ تي خدشن جو اظهار، آبادگارن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي مارڪيٽس ۾ ٽماٽو اچي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٽماٽو پرڏيهه مان گهرائڻ سان مقامي آبادگارن کي نقصان رسندو، آبادگارن طرفان ٽماٽي جي امپورٽ فوري روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔