نيب ڊاڪٽر ڊِنشا جهڙي پيرسن کي گرفتار ڪيو، 27 جوابدار اڃا آزاد آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ڊاڪٽر ڊِنشا جهڙي پيرسن کي گرفتار ڪيو، رهيل 27 جوابدار اڃا آزاد آهن، نيب جو اهڙو رويو ئي جانبداري ظاهر ڪري ٿو، تڏهن ته صبح کان شام تائين نيب تي ڳالهيو ٿينديون آهن، سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر ڊنشا ۽ جميل بلوچ جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن، عدالت چيو ته هن ڪيس ۾ نيب جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهيون، نيب جي روين سبب ماڻهو پاڪستان ۾ سيرپڪاري نه ڪندا، ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته ٻڌايو نيب چيئرمين ۽ توهان کانسواءِ ٻيو ڪير نيب جي تعريف ڪري ٿو؟ اها سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ پئسو ٻن ماڻهن ڏانهن ويندو آهي، عوامي عهدو رکندڙن جو هر صورت ۾ احتساب ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔